اوٻاوڙو ڀرسان نارو واهه مان غيرقانوني طور مٽي چوري ٿيڻ جو انڪشاف
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) نارو واهه مان ڪرين ذريعي ڪپرن کي ڪٽ هڻي مٽي کڻڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي، ان سلسلي ۾ آبادگارن نيوز نائو ايڇ ڊي کي واقعي جو اطلاع ڏنو جنهن بعد نيوز نائو ايڇ ڊي جي ٽيم مٽي کڻڻ واري هنڌ پهتي ته نارو واهه مان غير قانوني ڪرين ۽ ٽرالين ذريعي ڪپر ڪٽي مٽي کڻي کنئي پئي وئي
پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي بااثر ڪرين ڊرائيور نيوز نائو ايڇ ڊي جي ٽيم تي مڇرجي پيو ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو، هوڏانهن ايريگيشن کاتي جي آفيسرن مٽي چوري واري خبر کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي ايريگيشن عملدارن جو چوڻ آهي ته ان عمل خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي
