سکر ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ هٿياربندن جي فائرنگ راشد شر ۽ وزيران شر قتل
( بيورو رپورٽ ) تماچاڻي ٿاڻي جي حد سبحان ڪالوني ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪارنهن الزام هيٺ 17 ورهين جي راشد شر ۽ 16 ورهين جي وزيران شر کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، مليل ڄاڻ موجب وزيران کي گهر ۾ گهڙي هٿياربند قتل ڪيو، جڏهن ته نوجوان راشد شر کي پلاٽنگ آفيس وٽ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ٻنهي مقتولن جا مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ باگڙجي اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان راشد جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو
جڏهن ته مقتوله وزيران جو لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين باگڙجي اسپتال ۾ پيل رهيو، پر ڊيوٽي ڊاڪٽر نه پهتي، جنهن بعد اسپتال انتظاميا پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي لاءِ لاش سول اسپتال کڻي وڃڻ جو چيو، پر ايمبولنس اسپتال ۾ موجود هجڻ باوجود ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو جنهن تي وارثن احتجاج پڻ ڪيو، بعد ۾ مقتول ناريءَ جو لاش سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو
نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته ڪارنهن جو ڪو معاملو ناهي، برادري جي ماڻهن بيگناهه اسان جي نوجوان کي ڪارو قرار ڏئي قتل ڪيو آهي، ٻئي طرف متاثر ڌر جي ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏيندي الزام مڙهيو ته لعل ڏنو شر، ڪريم ڏنو، شهمير ۽ صاحبڏنو شر ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل ڪيو آهي.
