پي سي بي پاران پاڪ-بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي سيريز جا 2 ميچ فيصل آباد ۾ ڪرائڻ جو فيصلو
( اسپورٽس نيوز ) بنگلاديشي ٽيم ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندي ۽ پاڪستان خلاف 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سيريز جا ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچ فيصل آباد ۾ ڪرائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي
تجويز ڪيل شيڊول موجب، ٽي ٽوئنٽي ميچ جي سيريز 25 مئي کان 3 جون تائين کيڏي ويندي
ياد رهي ته ان کان اڳ فيصل آباد ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون 11 اپريل 2008ع تي آمهون سامهون ٿيون هيون
