پيپلز پارٽي عملي طور سنڌ دشمن آهي: ڄام عبدالفتح سميجو
ڏھرڪي (رپورٽ اسد الله لغاري ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو 12 اپريل تي قومي شاهراهه تي ذائقه ھوٽل سامھون احتجاجي ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ عوام کي سنڌ دشمن غيرقانوني نڪرندڙ ڪينالن خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي
ان موقعي تي هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته پيپلز پارٽي جا ٻه چهرا آهن ڳالهين ۾ سنڌ دوست لڳي ٿي پر عملي طرح سنڌ دشمن آهي، اڳ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي جي نوان ڪئنال نڪتا ته پاڻي جي اڃان به شديد کوٽ پيدا ٿيندي ۽ ماڻهن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو
هن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌ دشمن منصوبن خلاف گذريل پنجن مھينن کان شھر شھر ڳوٺ ڳوٺ وڃي ڪئنالن خلاف سجاڳي مھم هلائي ڪامياب احتجاجي پروگرام ڪري عوام ۾ شعور جاڳائي حقيقتون سامهون آنديون آهن
