ڀارتي رانديگر ويرات ڪوهلي هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ رقم ڪري ڇڏي
7 اپريل تي آئي پي ايل ميچ دوران ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ۾ 13,000 رنسون ٺاهيندڙ پهريون هندستاني رانديگر بڻجي ويو
ممبئي انڊينز ۽ رائل چئلينجرز بنگلور جي وچ ۾ ٿيل آءِ پي ايل ميچ دوران ويرات ڪوهلي اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو،
ورات ڪولهي پنهنجي 386 هين اننگ ۾ 13,000 رنسون مڪمل ڪري ورتيون، ڪوهلي ويسٽ انڊين رانديگر ڪرس گيل کان پوءِ ٽي ٽوئنٽي ۾ اهو اعزاز حاصل ڪندڙ ٻيون رانديگر بڻجي ويو
ڪرس گيل پنهنجي 381 هين ٽي ٽوئنٽي اننگز ۾ 13,000 رنس پورا ڪندڙ پهريون رانديگر آهي
