پاڪستان ۾ برساتن جي ڪمي! سنڌو درياءَ ۾ پاڻي بحران جو 100 ساله رڪارڊ ٽٽي ويو
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ملڪ ۾ برساتن ۾ 40 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي آهي، جنهن سبب سنڌو درياءَ ۾ پاڻي بحران جو 100 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي
آبپاشي کاتي موجب، سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 71 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ۽ ٽنهي بئراجن کي ڪل 65 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي
آبپاشي کاتي جي انگن اکرن موجب، گذريل سال اپريل جي پهرين هفتي ۾ سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 39 سيڪڙو هئي، جيڪا هن سال 71 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته ٽنهي بئراجن تي مجموعي طور تي پاڻي جي کوٽ 37 سيڪڙو کان وڌي 65 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
