قمبر: ڳوٺ راهوجا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، پرائمري ماسترياڻي قتل

WhatsApp Image 2025-04-07 at 22.40.08_b6b7955e

( بيورو رپورٽ ) هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پرائمري ماسترياڻي صدف حاصلو قتل ٿي وئي ۽ هڪ ڄڻو محبوب راهوجي زخمي ٿي پيو، مقتولا عورت ڳوٺ راهوجي ۾ پرائمري اسڪول جي ماسترياڻي هئي، صدف حاصلو ڊيوٽي بعد ڪيري وين ۾ ٻين استادن سان گڏ لاڙڪاڻي وڃي رهي هئي ته کيس اسڪول ٻاهران موٽرسائڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، هوڏانهن سوشل ميڊيا تي چئوٻول آهن ته مقتولا ناري کي شادي جي انڪار تان قتل ڪيو ويو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *