شڪارپور: پوليس جو ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن، مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ
شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) شڪارپور پوليس جو ڏوهارين جي خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن، هڪ يرغمالي کي بازياب ڪرائي آهي، ڪوٽ شاهو پوليس ڪارروائي ڪندي 30 ورهين جي غلام ياسين لاشاري کي بازياب ڪرئڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، کيس 30 جولاءِ 2024 تي رستم ٿاڻي جي حد مان اڻڄاتل هٿياربندن اغوا ڪيو هو، ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جي حڪم تي ڊي ايس پي خانپور ۽ ايس ايڇ او رستم، ڪوٽ شاهو جي ڪچي ۾ ڪامياب ڪاروائي ڪندي يرغمالي کي باحفاظت بازياب ڪرايو آهي پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي
