فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هدايتڪار نامناسب ڊيمانڊ ڪئي: هڪ ٻي مشهور باليووڊ اداڪارا جو انڪشاف

400560_1584013_updates

( شوبز نيوز ) اداڪاره شريا جو تعلق اولهه بنگال سان آهي ۽ هو ڪيترين ئي فلمن ۽ ڊرامه سيريل ۾ ڪم ڪري چڪي آهي اداڪاره شريا تامل انڊسٽري جي سپر اسٽار رجني ڪانت، سوريه سان ڪم ڪيو، جڏهن ته تازو سلمان خان جي ريليز ٿيل فلم سڪندر ۾ پڻ نظر آئي هئي

شريا تازو هڪ انٽرويو ۾ چيو ته 2014 ۾هوءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ هڪ فلم جي آڊيشن لاءِ مشهور هدايتڪار جي آفيس وئي، جڏهن هوءَ ڊائريڪٽر جي ڪيبن ڏانهن وئي ته ڊائريڪٽر هن کي چيو، منهنجي گوڏي تي ويهي مون کي آڊيشن ڏئي ڏيکار

هن چيو ته ان وقت آئون جوان هيس ۽ ڊڄي ويس مون بهانا ڪيا ۽ ڊائريڪٽر کي چيو ته مان تيار ڪندس ۽ سڀاڻي واپس ايندس، پر ان کانپوءِ مان ڪڏهن به نه ويس، اهڙن واقعن جي ڪري آئون انڊسٽري کان پري ٿي ويس، ان جي ڪري آئون ممبئي منتقل ٿيس

واضح رهي ته ان کان  اڳ ڪيتريون ئي اداڪارائون انڪشاف ڪري چڪيون آهن ته اهي ڪاسٽنگ ڪائوچ جو شڪار ٿيون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *