تڪراري ڪئنال نامنظور، سنڌ جي چپي چپي تي احتجاج، ڌرڻا، مظاهره ۽ ريليون

CANAL

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج، 3 بئراجن ۽ 4 پلين تي ڌرڻا، پنجاب جا رستا بند ڪرڻ جو چتاءُ، ميرپور خاص ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي بيڪري کان پريس ڪلب تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي،

ٺٽو ۾ تحريڪ انصاف يونٽ ڳوٺ نور محمد ٿھيم يونين ڪائونسل پليجاڻي طرفان احتجاجي پيادل مارچ شاھد ٿھيم، حاجي محسن ٿھيم، خليل احمد ٿھيم، سعيد نبي ٿھيم، وحيد رند ۽ سيد امجد حسين شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي وئي

جمعيت علماءِ اسلام جي ڏنل سڏ تي شهيد دولهه درياءَ پل تي ڌرڻو هڻي ٺٽو سجاول ٽنڊو محمد خان ۽ بدين ويندڙ ٽرئفڪ معطل ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي

سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مهر علي جمالي ۾ شاگرد اتحاد ۽ ڳوٺاڻن افضل جمالي، وقار جمالي، رياض جمالي، نعمان جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ڌرڻو هنيو ويو

ڦل ۾ سگا عهديدارن رفيق جعفري، علي حسين بروهي، بخش علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو

ڍورونارو ۾ ڳوٺ قدوس ساند جي رھواسين سماجي اڳواڻ راجا ساند، قادر ساند، ڪامريڊ مهر علي سمون، هدايت الله ساند جي اڳواڻي ۾ ريلي احتجاج ڪيو ويو

ڊگھڙي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي قومي عوامي تحريڪ، جسقم، جميعت علماءَ اسلام، جماعت اسلامي، پ پ شهيد ڀٽو، آبادگارن ۽ وڪيلن مير يونس ٽالپر، پرويز نوحاڻي، منصور جروار، ٺارو خان نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي

 جاتي ۾ سنڌ ترقي پسنڌ پارٽي پاران جمن سنڌي، اشرف ٿهيم اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪئنال سمورا نامنظور جا نعره هنيا ويا

ميرپوربٺورو ۾ نيو ويزن فورم جي سڏ تي دڙو کان ميرپوربٺورو تائين 11 ڪلوميٽرن جو پيادل مارچ ڪري راحيل انور سومرو، رشيد سومرو، منصور چوھاڻ، انور ملاح، قادربخش زئنور، اشرف پليجو، لطيف زئنور، عبدالغني جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو

سجاول ۾ جي يو آئي سنڌ جي سڏ تي دولهه درياءَ خان پل تي مولانا محمد صالح الهداد سالار، حاجي عبدالرزاق، عابد لاکو، عبدالمالڪ ٽالپر، مولانا فتح محمد مھيري، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو

سکر ۾ جي يو آءِ سکر بئراج تي سنڌو بچايو، سنڌ بچايو مهم جي سلسلي ۾ مولانا عبدالقيوم هاليجوي، علامه راشد محمود سومرو، محمد صالح انڍڙ، مفتي سعود افضل هاليجوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 7 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو

مورو ۾ جي يو آءِ پاران مورو دادو پل وٽ راشد محمود سومرو، عبدالقيوم ھاليجوي، مولانا عبدالرحمان ڏنگراج، عبدالرشيد بروھي، عبدالمالڪ ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو ويو

ڪنڌرا ۾ جي يو آءِ جي سڏ تي يوسي اڪبرپور جي چيئرمين عبدالرئوف ڪٽپر ۽ مولانا محمد عيسيٰ، مولانا عبدالحميد چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

راضي ديرو ۾ جي يو آءِ پاران خيرپور لاڙڪاڻو سنڌو درياءُ جي پل تي نياز ابڙو، محبت کهڙو، اطهر عباس سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو

ڪنڊيارو ۾ جي يو آءِ پاران مولانا رمضان خاصخيلي، مفتي حماد الله بروهي، حافظ شاهد اڄڻ، مولانا مسرور عباسي، قاري عبدالفتاح گهانگهرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

گپچاڻي ۾ جي ڊبليو سي جي ڪارڪنن ذوالفقار خاصخيلي، غلام نبي شاهه، نزاڪت گپچاڻي، محمود رخشاڻي، امير علي مغيري، سرفراز گپچاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

کپرو ۾ ايس ٽي پي پاران علي ڏنو خاصخيلي، رفيق جلالاڻي، عثمان ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

ڪيٽي بندر ۾لال جروار ، رزاق چانڊيو، شاهه محمد چانگ، بلاول لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

ملڪاڻي شريف ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان سريش ڀيل، دلدار نوحاڻي، جميل ملاح، گلذار نوحاڻي، ڀيمراج ڀيل، آدريش ڪولهي، راجا ڪولهي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

جنگشاهي ۾ قومي عوامي تحريڪ ٺٽي پاران ياسر جاکرو، ممتاز شيخ، حاڪم بروهي، قادر پيراڻي، رضوان بروهي، معيز روئوف ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلوي اسٽيشن کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي

نوري آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ  پاران اعجاز سومرو امداد پنھور مقصود جھتيال لکانو پالاري لياقت گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

ڪڙيوگهنور ۾ درزي اتحاد پاران گيانچند مهيشوري، سڪندر، آڪاش مهيشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

مٽياريءَ ۾ ميلاد آرگنائيزيشن طرفان سنڌو ڌاڙي خلاف ريلي ڪڍي وئي

دادو ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي سڏ تي جي يو آءِ ڪارڪنن دادو-مورو پل تي انڊس هاءِ وي بند ڪري وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي

اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اهو واحد صوبو آهي جنهن اسيمبلي ۾ پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پيش ڪئي ۽ پاڪستان ايندڙن لاءِ پنهنجي دل جا دروازا کوليا ملڪ کي 70 سيڪڙو روينيو صوبي سنڌ مان ملي ٿو پر سنڌ کي يتيم خانو سمجهي سنڌ جون نوڪريون، درياهه، وسيلا لٽيا پيا وڃن، پنجاب حڪومت پنهنجو ڪيل فيصلو واپس وٺي ٻي صورت ۾ سنڌ پنجاب باڊر کي بند ڪيو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *