دڪاندار نئين ۽ پراڻي موبائل فونن جي خريد ۽ وڪري جو رڪارڊ رکن: وزير اعليٰ سنڌ

5d8194cd082eb

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ شرجيل ميمڻ، ضياءُالحسن لنجار، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ هر قيمت تي امن امان کي بهتر بڻايو وڃي. وڏي وزير پاران لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنن ۾ پوليسنگ کي وڌيڪ اثرائتو ۽ مستحڪم بڻائڻ جي هدايت

مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ مڪمل دستاويزن سان گڏ موبائل فون جي خريد ۽ وڪري جي اجازت آهي، ڪراچي ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي موبائل مارڪيٽ آهي، هن دڪاندارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي دڪانن ۾ هر نئين ۽ استعمال ٿيل موبائل فون جي خريداري ۽ وڪري جو باقاعده رڪارڊ رکيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *