بشريٰ بي بي جيل ۾ بهتر سهولتن لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو

Bushra-Bibi

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) بشريٰ بي بي پنهنجي وڪيلن جي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي درخواست گذار جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي وزيراعظم هائوس ۾ خاتون اول جي حيثيت سان رهندي هئي، بشريٰ بي بي قانون موجب بهتر سهولتن جي حقدار آهي، اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ بشريٰ بي بي جي بهتر سهولتن جي درخواست کي توجه نه ٿو ڏئي، باني پي ٽي آءِ کي ساڳئي جيل ۾ بهتر سهولتن جو حقدار قرار ڏنو ويو آهي، جيل رولز 1978 تحت بشريٰ بي بي کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *