غوثپور: جماعت اسلام پاران يوم تاسيس جي تقريب منعقد

WhatsApp Image 2024-08-25 at 20.44.36_8d99f67d

 غوثپور  ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي پاران ھر سال جيان ھن سال به شھر جي مقامي شادي ھال ۾ ساليانو يوم تاسيس جو ڏھاڙو ملھايو ويو، ان سلسلي ۾ شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن مان سوين جماعت اسلامي جي ڪارڪنن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي، نائب امير سنڌ حافظ نصرالله چنا، امير ضلع ڪشمور غلام مصطفيٰ ميراڻي، مولوي رحمت الله اوڳاھي حافظ امان الله اوڳاھي ۽ ٻين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته جماعت اسلامي پاڪستان کي مضبوط ملڪ ڏسڻ چاھي ٿي، پر افسوس جو ملڪ جا سياستدان غريب ۽ مظلوم عوام جي حقن جو آواز بڻجڻ بدران اقتدار جي سياست ۾ مصروف آھن، اڳواڻن اپيل ڪئي ته 28 تاريخ تي ملڪ گير احتجاج ۾ اسان جو ساٿ ڏنو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *