پي ايس ايل 10: لاهور، پنڊي ۽ ملتان ۾ ٿيندڙ ميچن لاءِ فوج ۽ رينجرز طلب
تفصيل موجب پنجاب جي گهرو کاتي وفاقي وزارت داخلا کي درخواست موڪلي آهي، جنهن ۾ لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان ۾ پي ايس ايل ميچز لاءِ فوج ۽ رينجرز جي دستن کي طلب ڪري ورتو آهي
پنجاب جي گهرو کاتي جي درخواست ۾ لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان لاءِ رينجرز جي هڪ هڪ ونگ ۽ فوج جي ٻن ڪمپنين جون خدمتون طلب ڪيون ويون
ان حوالي سان پنجاب جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽر ۽ ميچ آفيشلز حصو وٺي رهيا آهن، پي ايس ايل اعليٰ ٽورنامينٽ آهي جنهن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي رانديگرن، ميچ آفيشلز ۽ عملي جي شرڪت شامل آهن جنهن ڪري فوج ۽ رينجرز کان مدد طلب ڪئي آهي
