عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي
گذريل ڪجهه ڏينهن کان عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون گهٽجي رهيون آهن ۽ هاڻي وڌيڪ 2 کان 3 سيڪڙو گهٽتائي سامهون آئي آهي
رپورٽ موجب قيمت ۾ گهٽتائي کان پوءِ برطانوي خام تيل برينٽ 64 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو ۽ آمريڪي خام تيل ڊبليو ٽي 60 ڊالر في بيرل تي وڪرو ٿي رهيو آهي
ٻئي طرف، گئس جي عالمي قيمت 1.5 سيڪڙو گهٽجي 3.77 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي آهي.
