ڀٽ شاهه: سلينڊر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان فوت

WhatsApp Image 2025-04-07 at 10.37.48_4086c012

ڀٽ شاهه ( رپورٽ: جمن چوهاڻ ) سلينڊر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل هڪ وڌيڪ نوجوان خادم حسين ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، 4 ڏينهن اڳ ڳوٺ بهادر ڄڙهه ۾ رٽائرڊ پوليس اهلڪار غلام نبي ڄڙهه جي گهر ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا جن مان هڪ ڀاءُ 22 سالن جو شهزاد ڄڙهه اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو جڏهن ته باقي زخمين کي حيدرآباد ۽ ڪراچي ريفر ڪيو ويو هو جن مان هڪ ڄڻو 26 ورهين جو خادم حسين ڄڙهه ڪراچي جي اسپتال ۾ رات دير سان فوت ٿي ويو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *