ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي ٿيندي

Mercury and the Crescent Moon by Ben Fernando_2009_Young_Commended2

( مانيٽرنگ ڊييسڪ ) شوال جي چنڊ نظر اچڻ بعد عيدالفطر جو باضابطه اعلان مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي سربراهه مولانا عبدالخبير آزاد ڪيو

واضح رهي ته پاڪستان ۾ بوهري برادري به اڄ عيد الفطر ملهائي رهي آهي، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه ايمل ولي خان به اڄ عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو

ٻئي طرف سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سميت مختلف خليجي ملڪن ۾ اڄ عيد الفطر ملهائي پئي وڃي، جڏهن ته برطانيا ۽ ڪينيڊا سميت مختلف يورپي ملڪن ۾ عيد 31 مارچ تي ملهائڻ جو امڪان آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *