چوهڙ جمالي: ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي آمد، ايس ٽي پي اڳواڻ سان والد جي وفات تي تعذيت

WhatsApp Image 2024-08-25 at 18.39.56_1bbbe1c0

چوهڙ جمالي ( رپورٽ: وقار ميمڻ ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چوهڙ جمالي پهچي ايس ٽي پي تعلقي شاھبندر جي صدر  اشفاق ميمڻ جي والد جي وفات تي تعزيت ڪئي جنهن بعد هن ايس ٽي پي هائوس چوهڙ جمالي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آصف زرداري شھيدن جي نالي تي سنڌ کي تين وال ڪري ڇڏيو آھي، پ پ سنڌ جي تاريخي ڀينگ ڪئي آھي سنڌ جا ماڻھو پنڻ تي مجبور آھن پر ظالم حڪمرانن جي ڪن تي ڪا به جون نه ٿي سري سنڌ ڏينهون ڏينهن مسئلن جي دلدل ڦاسندي پئي وڃي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو تڏهن ئي تبديلي ممڪن آھي ان موقعي تي عبدالواحد خاصخيلي، عبدالغني ملاح، جمن سنڌي، گل حسن رند، ڪريم پليجو،  اصغر لاکاٽيو، شوڪت بروھي ۽ ٻين شرڪت ڪئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *