ڀٽ شاهه: تڪراري ڪئنالن خلاف چوهاڻ اتحاد جو احتجاج

WhatsApp Image 2025-03-29 at 15.11.26_54a8978a

ڀٽ شاهه ( رپورٽ: جمن چوهاڻ ) چوهاڻ اتحاد جي سڏ تي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد لطيف ڪالوني چوڪ تائين ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج جي اڳواڻي چوھاڻ اتحاد جي صدر صادق چوھاڻ، محمد جمن چوھاڻ، اسد چوھاڻ، ياسين چوھاڻ ۽ ٻين ڪئي

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو دريا تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي مگر حڪمران پنهنجي هوڏ تي قائم آهن، فوري طور تي سنڌو دريا مٿان ڪئنالن جو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ۽ ڌرڻا جاري رهندا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *