خيرپور: گذريل ڏينهن مبينا روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي قتل جو انڪشاف

WhatsApp Image 2025-03-29 at 14.04.25_7d7ba9b8

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) گذريل ڏينهن ڳوٺ خانپور جوڻيجا ڀرسان قومي شاهراهه تي مبينا طور اڻڄاتل گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ فوت ڄاڻايل نوجوان شڪيل جمالي جي وارثن انڪشاف ڪيو ته نوجوان کي ڦورن گوليون هڻي قتل ڪيو آهي

ان سلسلي ۾ نوجوان جي والده مسمات ملوڪان، ڀاءُ نصرالله جمالي ۽ سئوٽ عبدالغني جمالي سول اسپتال ٻاهران احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اسان جو نوجوان شڪيل جمالي خيرپور کان ڳوٺ حسيب جمالي اچي رهيو هو ته رستي ۾ ڦورن کيس گولي هڻي قتل ڪيو

هنن چيو ته پوليس اسان کي گمراهه ڪيو ته اسان جو نوجوان روڊ حادثي ۾ فوت ٿيو آهي پر اسان جي نوجوان کي مٿي ۾ گولي لڳل هئي ۽ جاءِ واردات تان گوليءَ جو خول پڻ مليو، واقعي جي جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *