جهيڙي ويڙهو ويران ڪري ڇڏيو، صحبت پور ٿاڻي جي حد ۾ زال مڙس چئن پٽن ۽ ڌيءَ سميت قتل

03-9

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ٽائيم نيوز جي رپورٽ موجب بلوچستان جي علائقي صحبت پور ٿاڻي جي حد آر ڊي 238 جي ڳوٺ دوران کوسو ۾ ھٿياربندن جديد ھٿيارن سان حملو ڪري ھڪ ئي خاندان جي 7 ڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، قتل ٿيلن ۾ محمد صديق شيخ سندس گھر واري 4 پٽ اسد رحمان، سعيد الله، يامين، ياسر ۽ هڪ ڌيءَ طاھران شامل آھن

واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس ڇانئجي ويو، پوليس موجب واقعو پراڻي زميني تڪرار تان پيش آيو، واقعي جي اطلاع بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون، مقتولن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا، هٿياربند فرار ٿي ويا، پوليس جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *