ڀٽ شاهه: ڳوٺ بهاول کوسو ۾ گهرن کي اوچتو باهه الهه تلهه سڙي رک
ڀٽ شاهه ( رپورٽ: جمن چوهاڻ ) باهه لڳڻ ڪري ڦوٽو کوسو، نوسراڻ کوسو ۽ ٻين جا گهر سڙي ويا، گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا، ڪڻڪ، کٽون، 2 ٻڪريون ۽ ٻيو لکين رپين جي ماليت جو سمورو سامان سڙي ويو، اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو واقعي واري هنڌ نه پهتو علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو،
متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته غريب ۽ مسڪين آهيون مال به سڙي ويو آهي گهرن ۾ ڪجهه به ناهي بچيو، جيڪو ڪجهه هو سڀ سڙي رک ٿي ويو، انتظاميا واهر ڪري، هوڏانهن باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو
