ميرپورماٿيلو: عيد ويجهو ايندي ئي سنڌي ٽوپي جي خريداري ۾ اضافو
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) سنڌي ٽوپيون سنڌي ثقافت جو اهم حصو آهن، سنڌي ٽوپين جا مختلف قسم تيار ٿين ٿا، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي وڏي شوق سان خريد ڪندا ۽ پائيندا آهن، سنڌي ٽوپين جا درجين قسم آهن، جن ۾ ڊيرا بگٽي، سوئي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، نوابشاهي، هالا، نيوسعيدآباد، خانپور مھر ۽ جهانپورشريف جون ٽوپيون نمايان آهن، عيد ويجهو ايندي ئي شهرين جي وڏي انگ سنڌي ٽوپيون خريد ڪرڻ لاءِ مارڪيٽن جو رخ ڪيو آهي
دڪاندارن ۽ شهرين جو چوڻ آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال مهانگائي ۾ اضافو ٿي چڪو آهي جنهن ڪري سنڌي ٽوپي عام ماڻهو جي قوت خريد کان ٻاهر ٿي چڪي آهي،
دڪاندارن جو چوڻ آهي ته اڄڪلهه ڊيرا بگٽي، ڪشمور ۽ خانپور مهر جون سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿين ٿيون جن جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 5000 ۽ وڌ ۾ وڌ قيمت 8000 رپيا آهي،
شهري چون ٿا ته سنڌي ٽوپي اسان جي سنڌ جي قديم ثقافت آهي، تنهن ڪري عيد جي خوشين ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ نئين سينڊل ۽ سوٽ سان گڏ سنڌي ٽوپي نه هجي ته عيد جي خوشي ڦڪي نظر ايندي آهي
