کپرو: ڳوٺ وڏهل واسي ڳوٺاڻي جو پريس ڪلب تي بااثر خلاف احتجاج

20250328_122942

کپرو ( رپورٽ: سجاد شر ) پيرسن مهر چانڊيو دانهيندي چيو ته گزريل 21 سالن کان ٻيلي کاتي جي سرڪاري ٻني ۾ رهان پيو جتان بااثر منور شاهه زبردستي لڏو کڻائڻ چاهي ٿو،

هن چيو ته گزريل ڏينهن بااثر وڏيري منور شاهه جي ونگار وهندي ايس ايڇ او کپرو منير جتوئي مونکي ٿاڻي تي گهرائي گٿا لفظ ڳالهايا ۽ ڌمڪيون ڏنيو، ايس ايڇ او چيو ته ٻني مان لڏو کڻي وڃ ٻني منور شاهه کي خالي ڪري ڏي ٻي صورت ۾ ڪيس داخل ڪري توکي جيل موڪلي ڇڏيندس

پورهيت چيو ته آئون مسڪين آھيان، ٻيلي ۾ ٻيا به هزارين ماڻھون رهن ٿا پر بااثر صرف مونکي لڏائڻ چاهي ٿو، اختياريون نوٽيس وٺي مون کي انصاف مهيا ڪن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *