دادلغاري: ڳوٺ بهاول الدين پتافي ۾ پتافي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو
دادلغاري ( رپورٽ: صدام پتافي ) ڳوٺ بھاول الدين پتافي ۾ پتافي برداري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار تان فائرنگ جو واقعو سامهون آيو، گوليون لڳڻ سبب انور علي پٽ قادر بخش پتافي زخمي ٿي پيو ، زخمي کي ميرپورماٿيلو اسپتال متنقل ڪيو ويو
ان موقعي تي زخمي جو چوڻ هو ته جوابدارن غلام فريد، سھراب پتافي، علي اصغر پتافي وارن مون مٿان ڪارنھن جو الزام ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جڏهن ته واقعي جي دادلغاري ٿاڻي تي 6 ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي
