ڪي اين شاهه: تڪراري ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو احتجاج
ڪي اين شاهه ( رپورٽ: عبدالغفار چانڊيو ) ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهه نون ڪئنالن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڪڻڪ جو اگهه مقرر نه ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڪي اين شاهه ۾ احتجاجي ريلي، ڪميونٽي سينٽر کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو ، احتجاج جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، ماهه نور ملاح، بختاور ملاح ۽ ٻين ڪئي
ان موقعي تي ساجد مهيسر ڳالهائيندي چيو ته ارسا هٿ سان وٺي سنڌ کي ڏڪار جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ارسا جو ٽئي رخي فارمولو ملڪي آئين ۽ قانون جي ابتڙ آهي، هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڪمپنين کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن
ماهنور ملاح جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ڪئنالن جي مخالفت جا ڪوڙا ڊراما بند ڪري، صدر زرداري 8 جولائي 2024ع تي گرين پاڪستان انيشيئٽو جي اجلاس ۾ ڇهه نون ڪئنالن جي منظوري ڏني، بختاور ملاح چيو ته ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جا اگهه گهٽائي هارين جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي
