شهدادڪوٽ: نور جهان ڪالوني واسين جو وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج
شهدادڪوٽ ( رپورٽ: رياض مگسي ) شهدادڪوٽ ۾ نور جهان ڪالوني واسين جو وڌندڙ بدامني خلاف غلام مصطفي لاشاري، غلام جان چانڊيو، مولا بخش لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج
ان موقعي تي مظاهرين ڳالهائيندي چيو ته 4 ڏينهن اڳ نور جهان ڪالوني مان غلام مصطفي لاشاري جي گهران نامعلوم چورن گهر ۾ گهڙي گهر ۾ پيل ڏيڍ تولا سونا زيور، 50 هزار رپيا روڪ رقم ۽ عورتن ۽ مردن جي ڪپڙن سميت لکين روپين جو قيمتي سامان چوري ڪري ويا
اي سيڪشن ٿاڻي تي چوري جي اين سي داخل ٿيل آهي پر پوليس چورن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي چوري واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي
