بڊاڻي ٿاڻي جي حد ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 زخمي

WhatsApp Image 2025-03-27 at 09.13.15_5293bc8c

بڊاڻي ( رپورٽ: اقرار گل فراس ) بڊاڻي شهر ۾ گڏهه گاڏي جي ٽڪر سبب ٿيل معمولي جهيڙو، شدت اختيار ڪري ويو، ڀٽا ۽ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين هڪ ٻئي مٿان لتن، مڪن ۽ لٺين جو آزادانه استعمال ڪيو، نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

جهيڙي سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته مياڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهتل، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين شهر جي معزز ماڻهن وچ ۾ اچي پاڪ ڪتاب تي ٻنهي ڌرين کي صلح تي راضي ڪيو، جنهن بعد صورتحال معمول تي اچي وئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *