خيرپور: مقتول ظفر چنا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاج

Photo_26879

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) ڪنب ڀرسان ڳوٺ حيات چنو جي رهواسي  معذور پورهيت آدم چنو، سندس گهرواري عابده خاتون ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو،

مظاهرين ڌانهيندي چيو ته اٽڪل ڏيڍ سال اڳ بااثر جوابدارن سچل چاڪراڻي، مگر علي، انور علي، ثاقب علي، نواز  چاڪراڻي وارن اسان جي نوجوان ظفر چنو کي ڪات ۽ ڪهاڙا هڻي بيدردي سان قتل ڪيو هو، جنهن جو قتل ڪيس جوابدارن خلاف ڪنب ٿاڻي تي داخل آهي

هنن ٻڌايو ته قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار نواز چاڪراڻي ۽ انور چاڪراڻي کي شاهه حسين ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪيو هو جنهن بعد شاهه حسين پوليس گرفتار ٿيل جوابدار ڪنب ٿاڻي جي حوالي ڪيا ته ڪنب ٿاڻي جي ايس ايڇ او بخت ڏاهاڻي، اي ايس آئي نزاڪت شينو ۽ عملي رشوت عيوض گرفتار جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *