نصير آباد: شهر جا مين هول کليل هئڻ خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو

WhatsApp Image 2024-08-25 at 16.00.28_6dfcdb58

نصيرآباد ( رپورٽ: قمر عباس ) شهر جي مختلف محلن ۾ لڳل واٽر سپلاءِ وال هولن کي ڍڪ نه لڳائڻ خلاف عوامي تحريڪ تعلقي نصيرآباد طرفان حميد انقلابي، راجا سوهو، ڪمنان اڳواڻ عبدالجبار ڳنواس، حبيب الله منگي، نجف سنڌي، شهريار ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل بئنڪ سامهون مين وال هول اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مختلف چوڪن تي لڳل واٽر سپلاءِ جي وال هولز کي چيئرمين ٽائون ڪميٽي نصيرآباد طرفان ڍڪ نه لڳائڻ سبب شهري وڏي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، روزانو ٻار، ٻڍا ۽ عورتون والن ۾ ڪري زخمي ٿين ٿا، چيئرمين ٽائون ڪميٽي کي ڪيترائي ڀيرا شڪايت ڪرڻ باوجود سندس ڪن تي جونءَ به نٿي سري. اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن ڪو به نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار چيئرمين ٽائون ڪميٽي نصيرآباد هوندو، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي کليل والن کي ڍڪ ڏيارائي شهرين کي عذاب مان بچايو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *