سڳيون ڀرسان پيرزاده ۽ ابڙا برادري ۾ جهيڙو هڪ ڄڻو قتل
سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او محمود چنا امداد حسين هليو صحافين کي ٻڌايو ته ڪچي واري علائقي ۾ محمد پيرزادو ۽گلاب ابڙو جي ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ محمد خان پيرزادو جي ڌر جو محمد عرف نالي مٺو ولد اويس چنو گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، جنهن جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال سوڀوديرو نيو ويو، جتان ضروري ڪاورائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو آهي
