ڄام صاحب: مختلف ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو رهواسين جو احتجاج
ڄام صاحب ( ويب ڊيسڪ ) مختلف ڳوٺن ڳوٺ محمد رمضان، ڳوٺ مير نثار ٽالپر، ڳوٺ ڪريم بخش چانڊيو، ڳوٺ مير ٻڍل چانڊيو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، ڳوٺاڻن پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي علي رضا چانڊيو، اڪبر چانڊيو، شوڪت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو هنن چيو ته ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ باربار يوسي چيئرمين کي چيو آھي پر ان اڃان تائين پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب اسان جا معصوم ٻارڙا مليريا، گيسٽرو ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا آهن،
ڳوٺاڻن وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو
