خيرپور: مقتول وڪيل جي قتل ڪيس ۾ گهربل 2 جوابدار عدالت ۾ پيش

WhatsApp Image 2025-03-24 at 18.40.44_f2ea813d

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) خيرپور پوليس وڪيل لياقت ڦلپوٽو جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت سڳوري ٻنهي جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سائده ڳوٺ محلي ۾ گهر اندر نشو ڏيڻ بعد پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيل سرڪاري وڪيل لياقت علي ڦلپوٽو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل مقتول جو سالو ساجد ڦلپوٽو ۽ سندس دوست اسد لاشاري کي اي سيڪشن ٿاڻي جي جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر دريا ڪانهر جي اڳواڻي ۾ خيرپور جي ٿرڊ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ عبدالحڪيم سانگي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ عدالت کان ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ لاءِ ٻيهر رمانڊ جي درخواست ڪئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *