خيرپور: ٽي بي جي عالمي ڏهاڙي تي صحت کاتي طرفان جاڳرتا ريلي
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر سيد احمد فواد شاهه، ايم ايس ٽي بي اسپتال ڊاڪٽر مشتاق ڀنڀرو، ايم ايس سول اسپتال ڊاڪٽر مسرور ضياءَ شاهه، ڊاڪٽر شاهد خاصخيلي ۽ ٻين ڪئي
ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ٽي بي جي بيماري جي خاتمي لاءِ اسان عوام ۾ جاڳرتا ڏئي رهيا آھيون، اڄ ٽي بي جي عالمي ڏينهن تي خيرپور ۾ صحت کاتي پاران جاڳرتا ريلي ڪڍي آھي
هنن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ ٽي بي جي بيماري جي خاتمي لاءِ سينٽر قائم آھن جتي مفت ۾ علاج ڪيو ويندو آھي
