ميرپورماٿيلو: تڪراري ڪئنالن خلاف جسقم جي سڏ تي احتجاج
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) جسقم جي مرڪزي سڏ تي سنڌو درياهه مٿان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ڪارڪنن ڊگري ڪاليج کان ريلي ڪڍي شهر جي مختلف هنڌن جو گشت ڪري ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو،
ان موقعي ڪمال مهر، نظير شيخ، مير حسن لاشاري، فقير رمضان ڪلوڙ، اڪرم ميتلو ۽ ٻين چيو ته ھزارن سالن کان سنڌو درياهه جا وارث ۽ مالڪ اسان سنڌي رھيا آھيون، پنجاب زبردستي 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بنائڻ چاهي ٿو
