خيرپور ڀرسان ٽرڪ جو موٽرسائڪل کي ٽڪر پيءُ ۽ پٽ فوت
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل روڊ حادثي ۾ پيءُ خادم ڦلپوٽو ۽ سندس پٽ شڪيل احمد فوت ٿي ويا، فوتين جا مڙهه سول اسپتال خيرپور مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتين جا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام متل آهي ۽ علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ڳوٺ ٽنڊو شاهه جا رهواسي آهن جيڪي پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته ٽرڪ جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويا
