هالا: يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت پاران مستحقن ۾ راشن تقسيم

WhatsApp Image 2025-03-23 at 16.51.03_c2d620e6

هالا ( رپورٽ: فهيم چانڊيو ) مرحوم سيٺ سراج قاسم تيلي ۽ مرحوم سيٺ ياسين تيلي جي ياد ۾ سوين مستحقن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو، ميمڻ جماعت ھالا جي اڳواڻ اياز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ 400 مستحق ماڻهن کي پيپسي ڪولا ڪمپني جي تعاون سان گھريلو کاڌي پيتي جون شيون تقسيم ڪيون ويون

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ميمڻ جماعت ھالا پيپسي ڪولا ڪمپني جي تعاون سان گذريل 25 سالن کان ھر سال رمضان المبارڪ جي مھيني دوران سوين غريب مستحقن ۾ راشن بيگ تقسيم ڪندا پيا اچون، في راشن بيگ ۾ لڳ ڀڳ 7 کان 8 ھزار رپين جي قيمت جون کاڌي پيتي جون شيون هونديون آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *