نيوسعيدآباد: ڳوٺاڻي جي مبينا گرفتاري خلاف احتجاج

reporters - Copy

نيوسعيدآباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) ڳوٺ بچل ڪاڪا واسي ڳوٺاڻي عامر ڪاڪا جي مبينا گرفتاري خلاف امام  الدين ۽ علاوالدين  ڪاڪا جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

هنن احتجاج ڪندي دانهيو ته پوليس بلاجواز چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪندي اسان جي گھرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد اسان جي نوجوان عامر ڪاڪا کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته کيس آزاد نه ڪيو ويو ته ٿاڻي آڏو احتجاج ڪنداسين

هوڏانهن ٻئي طرف ڊي ايس پي منظور لکي ٻڌايو ته اشتھاري ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ ڇاپو ھنيو پر اھي فرار ٿي ويا باقي اسان ڪنھن کي به گرفتار ناهي ڪيو 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *