ڏهرڪي: 23 مارچ يومِ دفاع جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي
ڏهرڪي (رپورٽ: اسد الله لغاري ) ريلي جي اڳواڻي مسجد دارالسلام جي محتمم حافظ زڪريا شر، بشير شيخ، عامر آرائين ۽ ٻين ڪئي، اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته اسان پاڪستان جي خوشحالي، ترقي ۽ تحفظ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون
پاڪستان اسان جو آزاد ملڪ آهي، ۽ اسان کي گهرجي ته پنهنجي وطن جي ترقي، خوشحالي، تحفظ، امن ۽ ڀائپي کي برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون، هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي پاڪ فوج پاران ملڪ جي سلامتي لاءِ ڏنل لازوال قربانين تي فخر آهي،
