سنڌ ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ ڌرڻا

WhatsApp Image 2025-03-23 at 15.00.42_085f2112

( نمائندن وٽان ) تڪرار ڪئنالن خلاف نواب ولي محمد، نيوسعيدآباد، کپرو، ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيا ويا

نواب ولي محمد ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف آل پارٽيز درياهه بچايو ڪميٽي پاران ڌرڻو ريلي جي اڳواڻي ذوالفقار خاصخيلي، ظفر چانڊيو، مجيب ماڇي، سيد انور شاهه ۽ ٻين ڪئي

ڪوٽڙي ۾ سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف ڀٽائي ڪالوني کان ريلي ڪڍي وئي، احتجاج جي اڳواڻي عمران جهتيال، رستم سوڍر، ڏاڏو لاشاري ۽ ٻين ڪئي

کپرو ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف سروري اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران ريلي ڪڍي وئي، کپرو واهه کان شهيد چوڪ تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو آھي، پاڻي کسجي ويو ته سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ويندي، سنڌ دشمن منصوبو فوري طور بند ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *