ڪوٽڙي ڀرسان تڪراري ڪئنالن خلاف مشعل بردار ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

WhatsApp Image 2025-03-22 at 21.03.48_675dd3c6

ڪوٽڙي ( رپورٽر ) بروھي چوڪ کان نڪتل مشعل بردار ريلي ڄامشورو ميڊيا سينٽر پهتي جتي نعريبازي ڪئي وئي، مشعل بردار ريلي جي اڳواڻي لونگ ملاح، قادر ملاح، اعجاز سومرو، خالد لاشاري ۽ ٻين ڪئي

ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي صدر منظوري ڏئي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت ڏني آهي، پ پ سنڌ دشمن منصوبا ٺاھي ھاڻي مڃڻ لاءِ تيار ناھي، واضع ٿي چڪو آهي ته چولستان ڪئنال تي گھڻي ڀاڱي ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي، هنن چيو ته سنڌو درياهه مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ واسي پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان ٿيندا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *