خيرپور: فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ امام بخش ڦلپوٽو جي پريس ڪانفرنس

WhatsApp Image 2025-03-22 at 20.16.52_137b8265

خيرپور: ( رپورٽ: زبير سومرو ) فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ امام بخش ڦلپوٽو جو پريس ڪانفرنس ڪندي چوڻ آهي ته سنڌو درياهه اسان جي زندگي آهي ان تي ڪو به ڪئنال قبول نه ڪنداسين، سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف سنڌي قوم ڀرپور آواز اٿاري،

ھن چيو ته سورهيه بادشاهه جو خاندان اڄ به پنهنجي ملڪ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، جي ڊي اي جي قيادت جو سنڌو درياهه مٿان ٺهندڙ ڪئنالن خلاف چٽو موقف آھي، سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا غير قانوني آهن، سنڌو درياهه اسان جي زندگي آهي جنهن تي ڌاڙو اسان قبول نه ڪنداسين

ھن چيو ته سنڌ جون زمينون بنجر ٿي وينديون ۽ هاري پورهيت معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويندا ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، سنڌو جي تحفظ لاءِ ساهه جي آخري گهڙي تائين جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ڪريون ٿا ، ان موقعي تي عبدالجبار ٽڳڙ، عبدالغني ڦلپوٽو، صابر مهيسر ۽ ٻيا موجود هئا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *