سجاول: 21 رمضان شهادت علي ڪرم الله وجهه جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد
سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) مجلس وحدت المسلمين پاران حاجي مظفر لغاري، فياض، جي ايم لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس نڪتو، جيڪو روايتي رستن تان ٿيندو مامون لاڏو چوڪ تي پهتو، جتي مجلس جو اهتمام ڪيو ويو،
مولوي صالح شر، شيرِ خدا حضرت علي ڪرم الله وجهه جو شان بيان ڪيو، جڏهن ته جلوس جي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، جلوس جي نگراني ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ڪئي، مجلس ۾ آيل سوين مومنن لاءِ مجلس وحدت مسلمين پاران افطاري جو پڻ بندوبست ڪيو ويو
