اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي نيوز نائو ايڇ ڊي سان ڳالهه ٻولهه
ٻانڌي ( رپورٽ: منصب ڏاهري ) آصف زرداري جي خواهش آهي ته غلام مرتضيٰ جتوئي اطاعت ڪري، منهنجي خلاف 90 جي ڏهاڪي کان آصف زرداري ڪيسن جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، آصف علي زرداري منهنجي بابا خلاف اليڪشن وڙهي جيڪا منهنجي بابا کٽي هئي، سن 85 کان ڪاروباري ماڻهو سياست ۾ گهڙي آيا آهن
غلام مرتضيٰ خان جتوئي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي هتي ڪو به ڪم مفت ۾ ناهي ٿيندو، اسان سياست کي عوام جي خدمت سمجهو آهي ڪڏهن به پنهنجي لاءِ سياست ناهي ڪئي، روٽي ڪپڙا ۽ مڪان پ پ جو منشور ئي ناهي هنن جو منشور پئسو آهي
هن چيو ته خواهش آهي ته ان مافيه کي پنهنجي زندگيءَ ۾ سنڌ مان ڀڄندي ڏسان، پ پ کان علاوه سنڌ ۾ جيڪو به اقتدار ۾ آيو ان کي سسٽم ٺيڪ ڪرڻ ۾ 10 سال لڳندا، سنڌ جو نوجوان طبقو هينئر سڄاڳ ٿي چڪو آهي، تڪراري ڪئنالن خلاف عوامي ردعمل ڏسي آصف زرداري يوٽرن هنيو آهي، پ پ جيڪڏھن سنڌ سان سچي آهي ته آصف زرداري صدر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي،
هن جو چوڻ آهي ته عوام کي بيوقوف بڻائڻ واري سياست کي سنڌ جو شعور سمجهي چڪو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي وزير غلام مرتضيٰ خان جتوئي جو چوڻ آهي ته زين شاهه کي جس پيش ڪريان ٿو جنهن ڪئنالن جو هلندڙ ڪم ڏيکاري عوام آڏو رکيو، سنڌي چئنلن به ڏيکاريو آهي ته 25 ڪلوميٽر تائين تڪراري ڪئنال ٺهي چڪو آهي
