کپرو ڀرسان کاهي ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب ٽن گهرن کي باهه
کپرو ( رپورٽ: سجاد شر ) باهه لڳڻ ڪري ٽن پورهيتن محمد بخش مري، برڪت مري ۽ لياقت مري جا گھر سڙي رک ٿي ويا، باهه لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل ھنڌ، بسترا، کاڌي پيتي جو سامان، اناج، چئن نياڻين جو ڏاج ھڪ موٽرسائيڪل سميت سمورو الهھ تلهھ سڙي رک ٿي ويو، اطلاع باوجود فائربرگيڊ واقعي واري هنڌ نه پهتو، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن
