اوٻاوڙو: پنجاب پوليس مغوي پوليس اهلڪار کي بازياب ڪرائي ورتو
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) اوٻاوڙو ڀرسان پنجاب جي ماڇڪو ڪچي ۾ پنجاب پوليس جي ڪاروائي ڪندي 3 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل پوليس اهلڪار کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي 3 ڏينهن اڳ ڌاڙيل پنجاب پوليس جي 12 اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ هڪ پوليس اهلڪار احمد نواز کي اغوا ڪري ويا هئا، پوليس اهلڪار احمد نواز جي بازيابي کان پوءِ وارثن ۾ خوشي جي لهر ڊي پي او رحيم يار خان رضوان عمر گوندل موجب ڪچي ۾ مضبوطي سان موجود آهي، پنجاب پوليس ڏوهارين کان ڪچي واري علائقي کي پاڪ ڪرائڻ لاءِ پر عز م آهي، هن چيو ته اهلڪار احمد نواز جي بازيابي پوليس لاءِ وڏي ڪاميابي آهي، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته اهلڪار کي ڊيل تحت بازياب ڪرايو ويو آهي
