کپرو: سانگهڙ روڊ تي تيز رفتار ڪار وڻ سان ٽڪرائجي وئي هڪ ڄڻو فوت، ڪار مان منشيات هٿ
کپرو ( رپورٽ: سجاد شر ) سانگهڙ روڊ تي لوڻ کاڻ اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار وڻ سان ٽڪرائجي وئي هڪ ڄڻو 35 سالا ثناءُالله بروهي فوت ٿي ويو جڏهن ته 15 سالا فرحان زخمي ٿي پيو، فوتي جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي ۽ فوتي جو تعلق ڪوئٽا سان ٻڌايو پيو وڃي
