شهدادپور: تڪراري ڪئنالن خلاف پيسٽيسائيڊ ايسوسيئيشن جو احتجاج

WhatsApp Image 2025-03-20 at 14.47.14_0d2ac7d4

شهدادپور ( رپورٽ: مذمل کوکر )پيسٽيسائيڊ ايسوسيئيشن پاران سنڌو درياهه تي ٺهندڙ 6 نئين ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي نصير خاصخيلي، ممتاز ڌاريجو، سعيد آرائين، قربان آرائين، حنيف لغاري ۽ ٻين ڪئي

مظاهرين جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ جي وجود کي مٽائڻ جي سازش ڪري رهي آهي، پنجاب پنهنجي ريگستاني زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سرسبز زمينن کي بنجر بنائڻ چاهي ٿو، نوان ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيندي

اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڻي اسان جي جياپي جو واحد ذريعو آهي ۽ ان تي ڪا به سوديبازي نه ڪنداسين، ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي چڪي آهي هنن مطالبو ڪيو ته جيسيتائين تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو رد نه ڪيو ويندو سنڌ سراپا احتجاج بڻيل رهندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *