ڏهرڪي ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف سهڪار پبلڪ اسڪول جي شاگردن جو احتجاج

WhatsApp Image 2025-03-20 at 13.06.36_758dbaa9

ڏهرڪي (رپورٽ رتن لال ۽ اسد الله صادق لغاري ) شاهه لطيف ڪالوني ۾ سهڪار پبلڪ اسڪول جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سنڌو درياهه تي ٺهندڙ 6 ڪئنالن خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، احتجاج جي اڳواڻي الهه ورايو راڄڙي، هريش ڪمار شيراڪا، سيف الله پتافي، ناصر دايو، ڪامران لغاري ۽ ٻين ڪئي

ان موقعي تي مظاهرين نيوز نائو ايڇ ڊي سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو هرگز برداشت نه ڪنداسين، وفاقي حڪومت پنجاب جي چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سرسبز سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي

هنن چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ جي زمين بنجر بنجي ويندي، سنڌ جي زراعت ٿباهه ٿيندي ۽ جر جو پاڻي کارو ٿي ويندو، جنهن ڪري سنڌ ۾ رهندڙ عوام جون نسلون ختم ٿي وينديون

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪري سنڌي عوام سان ناانصافي بند ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ۽ ڌرڻا جاري رهندا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *