سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري ورتي

Photo_26803.jpeg

گڊو ( رپورٽ: اقرار گل فراس ) سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري ورتي، گڊو ۽ سکر بئراجن وٽ مجموعي طور پاڻي جي کوٽ 51 سيڪڙو تائين پهچي وئي

آبپاشي کاتي موجب مٿانهن علائقن ۾ برساتون نه پوڻ ڪري ملڪي درياهن ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي آهي، هوڏانهن خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مخلتف ته سنڌ جي مختلف هنڌن تي خريف جا فصل نه ٿي سگهندا

گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 20 هزار 978 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 16 هزار 465 ڪيوسڪ رڪارڊ

جڏهن ته سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 15 هزار 810 ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 280 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *